اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي ۾ ڊيل جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت ڪنهن به ڊيل جو حصو ڇو بڻجندي، نواز شريف عدالتي ??يصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ۽ کيس وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ??يڻو پوندو، نگران حڪومت مسلم ليگ (ن) جي لاءِ ڪابه نرم دل نٿي ??کي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يجيٽل پليٽ فارم ”وي نيوز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. جڏهن نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف ڪنهن ??يل تحت واپس اچي رهيو آهي ته نگران وزيراعظم جواب ڏنو ته هڪ نگران حڪومت اهڙي طرح جي ڪنهن به ڊيل جو حصو نه بڻجندي ۽ ڇو بڻجندي. نواز شريف جڏهن هڪ عدالتي ??يصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ته ان وقت عمران خان جي حڪومت هئي، ان وقت نه ته نگران سيٽ اپ هو ۽ نه ئي پي ڊي ايم پارٽين جي حڪومت هئي. هن ??يو ته نواز شريف کي وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ??يڻو پوندو ۽ انهن سوالن جا جواب به قانوني آهن. انوارالحق ڪاڪڙ مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نرم دل رکڻ جي تاثر کي به مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن ??يو ته نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ منهنجُون مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ 9 مئي جي واقعن کان اڳ عمران خان سان به ملاقاتون ٿيون. هن ??يو ته آئون ڪو بيوروڪريٽ نه آهيان پر هڪ پارليامينٽ ميمبر هيس ۽ اتان استعيفيٰ ڏئي مون هي منصب سنڀاليو آهي ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي يا ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي مون سان ملاقاتون نه ٿا ڪن تنهن ??ري ڪنهن هڪ ملاقات کي هڪ پارٽي سان ڳنڍڻ انصاف تي ??ڌل ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ جمهوريت آهي جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقيڪار جي هڪ پنهنجي اهميت آهي. هن ??يو ته عمران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو عدالتي عمل جي نتيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي نتيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي ٿي ??ه هو حصو وٺندو پر جيڪڏهن نه ته آئون ڪيئن ان تي ??ابندي کي ختم ڪري سگهان ٿو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سندس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان جيتريون ملاقاتون ٿيون آهن ان موجب چونڊن جون تياريون مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر چونڊن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. اليڪشن ڪميشن جنوري ۾ چونڊن جي حوالي سان پنهنجا انتظام گهڻي حد تائين مڪمل ڪري چڪي آهي، تڪبندين سميت ٻين معاملن تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، سيڪيورٽي ۽ پولنگ بوٿ جي حوالي سان به انتظام حتمي مرحلي ۾ آهن ۽ کيس ڪو به شڪ نه آهي ته جنهن تاريخ جو به اعلان ڪيو ويندو، ان تي چونڊون ٿي وينديون. جڏهن ??انئس پڇيو ويو ته ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته سرديءَ ۾ برفباري سبب ووٽنگ جي شرح گهٽ ٿئي ٿي ??ه نگران وزيراعظم چيو ته ووٽنگ جي شرح گهٽ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته جمهوريت جي گهرج آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو فيصلاسازي جي عمل ۾ شريڪ ٿين. هن ??يو ته موسم هڪ عامل ضرورت هوندي آهي پر ملڪ جي وڌيڪ آبادي وارن علائقن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موسم جا اثر اهڙي نوعيت جا ناهن هوندا، ها باقي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موسم جا ٿورا اثر پئجي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڏنل پنهنجي حدن جي حساب سان ئي ڪو فيصلو ڪندي. غيرقانوني پناهگيرن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي پناهگيرن کي نه ڪڍي رهيا آهيون پر رڳو غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ڪڍي رهيا آهيون. پاڪ ڀ??رت لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀ??رت جي لاڳاپن ۾ آر ايس ايس جي سوچ ۽ ڪشمير جو مسئلو رڪاوٽ آهي، آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري اچڻ گهرجي پر حقيقت پسنداڻي طور تي ڏٺو وڃي ته في الحال ان جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن ??يو ته ڀ??رت ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ڀ??رت ۾ مسلمانن، سکن ۽ ٻين اقليتن جي لاءِ زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي امڪانن بابت سوالن جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ان بابت ڪو به غور فڪر نه ٿي ??هيو آهي. اسرائيل هڪ غاصب رياست هئي ۽ آهي ۽ اسان فلسطينين جي حقن ۽ فلسطيني پناهگيرن جي انهن جي زمينن تي ??اپسي جا حامي آهيون. معيشت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ کڻڻ وارن قدمن جا ڏورس اثر پوندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام قانونسازي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو آهي ۽ وڏا معاشي فيصلا انهي پليٽ فارم تان ٿي ??هيا آهن. هن ??يو ته ڊالر جي اگهه جو هيٺ اچڻ اڳ ۾ به ٿيو آهي پر ڊالر جي اگهه ۾ 40 کان 45 رپين جي هڪدم گهٽتائي پهريون ڀيرو ٿي ??هي ۽ جيئن ته عام ماڻهن، ميڊيا ۽ ڪاروباري طبقي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فائدن کي ڏسي ورتو آهي، ان جي لاءِ ان جو جاري رهڻ ضروري هوندو. هن ??يو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ فوج مددگار ڪردار ادا ڪندي معاشي بحالي جي عمل کي سگهه ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جو هڪ مسئلو سيڪيورٽي آهي ۽ ٻيو وسيلن جي گهٽتائي ۽ ڪجهه انتظامي خاميون شامل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ??وئيٽا ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ گهوسٽ اسڪولن ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه ماڻهن مالي فائدو کنيو پر بلوچستان جي عوام متاثر ٿي.