اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فا??ي وزير م??تض??ٰ سولنگي سان گهرو معاملن واري نگران ??فا??ي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وزارت اچڻ تي اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير گهرو معاملن واري نگران ??فا??ي وزير سرفراز بگٽي جي آجيان ڪئي. ٻنهي نگران وزيرن تازن بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت جي اليڪشن ڪميشن سان مدد بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران ??فا??ي وزيرن ??يو ته ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي.