اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي ??رڏيهي وزير وانگ يي جي خص??صي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي ل??ءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي ??چ ۾ جاگرافيائي رابطي، ما??ولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي ل??ءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي ??ورم جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ما??ولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ?? پنهنجي ??يام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي ??ائب وزيراعظم، چين جي ??رڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سميت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.