اسلام آباد -11 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي، ته نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هو قومي نصابي سربراهه اجلاس جي افتتاحي ا??لاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان اجلاس جو اهتمام تعليم واري نگران وفاقي وزارت، رٿابندي واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. سربراهي ا??لاس ۾ سرڪاري، خانگي، غيرسرڪاري ۽ ترقياتي شعبن ??ي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير مدد علي سنڌي وفاق جي ايڪن وچ ۾ هم آهنگي لاءِ اين سي سي جي ڪوششن جي و??کا?? ڪئي. هن پاڪستان جي ق??مي نصاب (اين سي پي) جي مڪمل ٿيل ڪمن تي ا??مينان جو اظهار ڪيو. نگران وفاقي وزير نصابي سڌارن ۾ عالمي معيار کي اڳيان وڌائي ق??م جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي ا??ٽيڪ هولڊرز جي ڪردار جي پڻ و??کا?? ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته چونڊ مضمونن جي هڪ رينج لاءِ نصاب جي معيار ??ي ترقي ۽ سڄي ملڪ ۾ فني تعليم کي هموار ڪرڻ جي حوالي سان قدم سڄي ملڪ جي ا??ٽيڪ هولڊرز سان گڏجي جاري رهندا. ان موقعي تي مختلف پينل مباحثن سان گڏوگڏ ماهرن طرفان نصابي سڌارن جي مختلف رخن تي پريزنٽيشن ڏني وئي. سربراهي ا??لاس دوران نصابي سڌارن، نصابي ڪتابن، استادن ۽ شخصيتن تي چئن مختلف پينلز مباحثي ۾ حصو ورتو. ان شعبي ۾ ماهرن پاڪستان ??ي تعليمي منظرنامي کي بهتر بڻ??ئڻ لاءِ پنهن??ي تجربن ۽ قيمتي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) سيڪريٽريٽ ڊاڪٽر مريم چغتائي پاڪستان جي ق??مي نصاب جي مختلف پهلوئن تي هڪ پريزنٽيشن ڏني.