لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پاڪستاني واپارين جي وفد پاڪستان هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي اجاگر ڪيو جن ۾ پاڪستاني رپيو مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي مضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻاهرئين ک??تن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اميد هئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سيڙپڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي اهم شعبن ?? سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪ??ڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪرائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪ??ڻ ۾ آساني کي وڌائڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ واپارين کي پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ?? سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن نگران وزيراعظم ک?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي وڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪ??ي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران وزيراعظم ک?? پاڪستان کي ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.