اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ بحريه جي ڪمانڊر ايڊمرل ارجمند تاتيل اوگلو کي ن??ان امتياز (ملٽري) سان ن??از??و آهي. ان حوالي س??ن خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ترڪ بحريه جي ڪمانڊر کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ سامونڊي فو?? جي اعليٰ آفيسرن ۽ ايوان صدر جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.