اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پولش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي اندر سيڪريٽري ووبچ گيرويل ڪ??ي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ ??طح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چرپر، اعليٰ ??عليم ۽ ويزا نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون جي حوصلا افزائي تي پڻ اتفاق ڪ??و ويو. بيان موجب ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگي ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. مشاورت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿي??دو.