??سل??م آباد – 12 – مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪاري دورو ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ۽ سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ??ند?? ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺندي. حن?? رباني کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ند??.