اسلام آباد – 13 – مارچ (ا?? پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر برطانيا جي ترقي واري وزير اينڊريو مچل ۽ برطانوي فارن ڪام?? ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل جيو پوليٽڪس ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ڪام?? ويلٿ ۾ گڏيل هدفن کي اڳ??ي وڌائڻ ??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو.