اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ??نا??ي ۾ اسرائيل قابض ف??ج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي رو??ڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان اولهندي ??نا??ي ۾ اسرائيلي قابض ف??ج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ??ا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي رو??ڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايون ??ا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.