اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شام ۾ وڏي ز??زلي سان ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ و??يراعظم شهباز شريف شام جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي ز??ان ??ي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. پاڪستان شام جي بهادر عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي تباهي دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته اها موسميا??ي تبديلين جي خطري جي مقابلي لاءِ متحد ٿئي.