اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري سياسي قي??دت کي ش??ڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرائي آهي، وز??را??ظم آفيس موجب وز??را??ظم شهباز شريف 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي، اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿيندي. سمورن سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. وز??را??ظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خ??ن کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ دفاع واري اڳوڻي وزير پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي وز??را??ظم پاران عمران خ??ن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت پهچائي. جڏهن ته وز??را??ظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي ش??ڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ??ن نمائندن کي ش??يڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اياز صادق وز??را??ظم جو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي پاٽي جي نامزد نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سموريون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.