اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي آهي ته هو اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ اميدوار جي مقرري جي مع??ملي تي نظرثاني ڪري جنهن کي لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود ان بنياد تي نوڪري کان محروم ڪيو ويو آهي ته ڪوويڊ 19 جي ڪري لاڳاپيل يونيورسٽي مان ان جي ڊگري دير سان جاري ٿي. هن چيو ته ايف بي آر اميدوار جي ڊگري تي يونيورسٽي جي واضح بيان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو جون/ جول??ءِ 2021ع کان ڪنهن ??ه يونيورسٽي يا نوڪري ۾ داخلا جي ل??ءِ اهل آهي ڇو ته ان جي ڊگري ڪوويڊ 19 جي ڪري جون 2022ع جي آخر ۾ جاري ڪئي وئي جيڪو انساني ڪنٽرول کان ٻاهر هو ۽ ان ۾ شاگرد جي غلطي نه آهي. صدر اهو فيصلو هڪ اهڙي مع??ملي ۾ ڏنو جتي حمزه وزير (شڪايت ڪندڙ) آڪٽوبر 2021ع ۾ ايف بي آر ۾ اسسٽنٽ (بي ايس – 15) جي عهدي جي ل??ءِ درخواست ڏني هئي، لکت واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ کيس انٽرويو جي ل??ءِ به طلب ڪيو ويو هو. ايف بي آر اها دعويٰ ڪندي ان کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس ڊگري 19-09-2021ع تي شايع ٿيندڙ اشتهار جي تاريخ جي 8 مهينن کان وڌيڪ جي وق??ي کانپوءِ 02-06-2022ع تي جاري ڪئي وئي تنهن ڪري اميدوار پوسٽ جي لاڳاپيل معيار تي پورو نه ٿو لهي. شڪايت ڪندڙ ان مع??ملي تي وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ??ڪم ڏنو ته ڪنهن مشتهر عهدي تي چونڊ ۽ مقرري ايجنسي جو ا??تيار آهي ۽ ان تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ل??ءِ ڪيس ايف بي آر چيئرمين کي موڪليو ويو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب وٽ نظرثاني ڪئي، درخواست داخل ڪئي جنهن کي ان بنياد تي رد ڪيو ويو ته مقرر تاريخ تي شڪايت ڪندڙ وٽ بيچلر ڊگري هولڊر هجڻ جو ڪو ثبوت نه هو، ان جي ل??ءِ هو ڄاڻايل عهدي جي ل??ءِ اهل نه هو ۽ اهو ته ايف بي آر پاران ڪا بدنظمي نه ڪئي وئي. ان کانپوءِ حمزه صدر کي هڪ درخواست داخل ڪئي. صدر ان جي نمائندگي کي منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر شڪايت ڪندڙ جي مع??ملي تي مع??وضي طور تي غور نه ڪيو ۽ ان کي مع??ملي جي وضاحت جو موقعو فراهم نه ڪيو ۽ ان کي ان جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو جڏهن ??ه ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڪري وڏي پئماني تي خصوصي رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون ويون هيون. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه هر عهدي جي ل??ءِ سخت مقابلو آهي ۽ اميدوارن جو وڏو انگ سامهون اچي رهيو آهي ۽ انتظامي عملدارن پاران منصفاڻو ڪم ڪرڻ جي ذميواري وضع ڪئي وئي آهي ته جيئن قانون موجب عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر قرار ڏنو ته ان کان اڳ 24-05-2021ع تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب آڏو ان درخواست سان گڏ هڪ شڪايت داخل ڪئي هئي ته هن 2019ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي سان الحاق ٿيل اسلام آباد پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج م ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا ورتي ۽ هن ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود پهرين ۽ ٻئي سيمسٽر جي نتيجن جو ا??لان نه ڪيو جنهن ??ان ان جي ڊگري جي تڪميل ۾ دير ٿيندي ۽ ان جو ڪيريئر به متاثر ٿيندو. صدر سيڪريٽريٽ آڏو يونيورسٽي جي نمائندي جي ان خاطري تي ڪيس اڪلايو ويو هو ته شاگرد جي بيچلر ڊگري تي جون/ جول??ءِ 2021ع کان غور ڪري سگهجي ٿو. صدر اميدوار جي حق ۾ اڳ ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي ۽ ايف بي آر عمل نه ڪري بدانتظامي ڪئي. صدر محتسب جا حڪم رد ڪندي اڳوڻي فاٽا جي ڪوٽا تي اسسٽنٽ جي عهدي جي ل??ءِ شڪايت ڪندڙ جي مقرري تي نظرثاني جي هدايت ڪئي.