اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ اڄ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن طور ڀرپور انداز سان ملهايو ويندو. سڄي دنيا آڏو ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪندا رهنداسين. ڀارت پن??نجي فوج 80 هزار کان 10 لک ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آزادي جي جذبي ۾ ڪا به گه??تا??ي ناهي ٿي، ڪشميري پن??نجي خوداراديت واري حق کان پوئتي نه هٽندا، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ڪشمير مسئلي کي جرمنيءَ سپورٽ ڪيو آهي، جيڪو ??عا?? سف??رت??اري جي علامت آهي. اهڙو اطهار هن پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين سيد باسط احمد بخاري، اي پي ايڇ سي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان ۽ ڪشمير ۾ ڪاري ڏينهن طور ڏٺو ۽ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ڀارت ڪشمير اندر پن??نجي ڏاڍ، ظلم جي شروعات ڪئي هئي. ڀارت پن??نجي 80 هزار فوج ڪشمير ۾ آندي هئي ان ڏينهن کان پهرين ڪشميرين ۽ اتي جي قيادت پاڪستان سان الحاق تي صحيحي ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڀارت مهاراجا کان پن??نجي حق ۾ هڪ صحيحي ڪرائي جنهن کي دنيا ۽ ڪشميري اڄ تائين نٿا مڃن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت جو اهو عمل رد ڪيو ۽ ڪشميرين جي ڳالهه کي تسليم ڪيو. والاريل ڪشمير ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارتي فوج جي هر ظلم کي شڪست ڏني. هن چيو ته تڏهن کان اڄ تائين لکين ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. ڀارت حراست ۾ قتل، عدالتي قتل، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪيو آهي. انهن ئي قربانين سبب اڄ دنيا ۾ ڪشمير مسئلو واضح آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي تحريڪ ۽ پاڪستان جو ان سان سهڪار ۽ امداد اهڙي طرح جاري رهندو. اهو ڪشمير جو نه انسانيت جو ڪيس آهي، سڄي دنيا ۾ مسلمانن سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي، لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي رهندڙ ڪشميرين کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪا به حڪومت هجي ان ڪشمير مسئلي تي ڏکيا ڏينهن نه اچڻ ڏنا.هن چيو ته ڀارت پن??نجي 80 هزار فوج مان 10 لک ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي آزادي واري جذبي ۾ زري جي به گه??تا??ي ناهي ٿي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ کان اڳ به اهڙا ڪيترائي حملا ڪيا جن جو مقصد والاريل ڪشمير کي پن??نجو حصو بڻائڻ آهي، ڪڏهن تڪبندين ذريعي ڪشميرين کي تنگ ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڊوميسائيل ذريعي ٻاهرين کي رهايو وڃي ٿو. ان موقعي تي پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين سيد باسط احمد بخاري چيو ته 27 آڪٽوبر اهڙو ڪنو ڏينهن آهي جيڪو دنيا ۾ ٿيندڙ ظلمن ۾ سڀ کان وڏي ظلم جو درجو اختيار ڪري ويو آهي. ڪشمير مسئلي بابت پاڪستاني اداري نه صرف پاڪستان پر گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي به آواز بلند ڪيو آهي.