نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن ک?? برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ ??مر??ڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم بردا??ت، انتهاپسندي ۽ اقليت?? تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالم?? برادري خاص طور تي ??مر??ڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جانين جي نقصا?? تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معامل?? تي ??مر??ڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.