اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ا??دادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏام??ن متاثرين جي لاءِ ??مدادي سامان کڻ?? پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ا??ڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يو??ان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون ا??دادي سامان کڻ?? پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن ا??دادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ??رڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ??رڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ??مدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان کڻ?? پاڪستان پهتو آهي.