اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پر??س آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ايراني خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ بابت مف??همت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر منير ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني منعقد تقريب ۾ پن??نجي پن??نجي ملڪن جي قومي خابرو ادارن پاران مف??همت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ دوري تي موجود ايران جي رستن ۽ شهري ترقي وارو وزير رسم قاسمي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مف??همت جي ياداشت تحت ٻئي خابرو ادارا خبرن، وڊيوز ۽ تصويرن جي مٽاسٽا کانسو??ءِ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ل??ءِ اسٽاف جي گڏيل پيشيواراڻي تربيت جو اهتمام پڻ ڪندا.