راولپنڊي -30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد با??وه ٻوڏ کان بچاءَ ۽ امد??دي ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ سوات جي علائقن جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد ڪمراٽ، ڪالام ۽ ڀرپاسي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ امد??دي ڪارروائين با??ت زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر 82 اڏامون ڀريون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 هيليڪاپٽرن جي اڏامن ذريعي 316 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 23.27 ٽن راشن ۽ امد??دي شيون فراهم ڪيون ويون. ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ متاثرن ۾ 3540 راشن جا پيڪيٽ ۽ 250 خيما ورهايا ويا. جڏهن ته 51 فري ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 33025 مريضن جو علاج ڪيو ويو. آرمي فلڊ رليف ڪو آرڊينيشن سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندو آهي جنهن ۾ فوج جي سطح تي اسٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي سان ريسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. رليف جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ 217 پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، جتي هيل تائين 122.87 ٽن خوراڪ (اٽو?? داليون، کنڊ وغيره) 5.9 ٽن غذائي شيون (خيما، ترپال)، ڪپڙي وغيره گڏ ڪيا ويا آهن. عالمي ٻوڏ رليف امداد جي حوالي سان ترڪيه مان 7 فوجي جهاز امد??دي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ايئر بيس راولپنڊي پهچي ويا آهن. چين مان 2 جهاز 3000 خيما کڻي ڪراچي پهچندا. جاپان مان ترپالون ۽ پناه گاهون اڄ ڪراچي پهچنديون. ڪينيڊا 5 ملين ??مر??ڪي ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. برطانيه 1.5 ملين پائونڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جڏهن ته آذربائيجان 2 ملين ??مر??ڪي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.