اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپا?? جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وز??راعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وز??راعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وز??ر شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ ح??ين، ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وز??ر مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وز??ر مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار واري وز??ر خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپا?? جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وز??راعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري ک??ن اڳ تائين ترجيحي واپا?? جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپا?? جي معاهدي تي تيزي س??ن اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپا?? جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپا?? جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.