اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن وي??ٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪ??دڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏي?? ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن وي??ٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن وي??ٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري ر??يا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.