اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چي?? آهي ته ا??ف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ا??ف اي ٽي ا??ف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کا?? پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪي?? آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ا??ف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ا??ف اي ٽي ا??ف ايڪشن پلان تحت پاڪستان جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ا??ف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي قومي ا??ف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽي جي سربراهه به آهي، ان کا?? اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستان جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کا?? 17 جون تائين برلن ۾ ا??ف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهي?? آهي، هن ا??ف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ا??ف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو.