اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي ا??ڪٿ?? ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توها?? کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. بر??ش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توها?? کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳاپن جي ??ست??ڪام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپ?? کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.