اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستا?? سميت پوري مسلمان امت کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. عيد تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عيد جو انعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آ??ي. ??ن چيو ته صبر، ايثار ?? قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان جي گهرج آهي ته عيدالفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پنهنجي ڀرپاسي سمورن لاچار ?? ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خاص خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آ??ي. ??زيراعظم چيو ته حڪومت قوم کي لوڊشيڊن?? جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عيدالفطر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيدالفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، منهنجو پنهنجي قوم سان واعدو آهي ته اسان جو هر ڏينهن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته توهان جي حڪومت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آ??ي. ??زيراعظم چيو ته اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پنهنجي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀي??رن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي. هن چيو ته اسان پنهنجي افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.