اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقو?? سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي ا??پتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ ج?? خوراڪ واري وزير جي ا??يمبلي فلور تي بيهي ا??بين رپين جي ڪرپشن جي ا??تراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقو?? سنڌ مارچ سنڌ ج?? مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.