لاهور – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير ??رد??ر عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو ??رد??ر علي خان پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي سول انتظاميا ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيره ??ند??زن ۽ قبضي مافيا جي خلاف پڻ موثر قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي.