بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پر??يهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پر??يهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ??ين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين ??ين جي بنيادي قوم?? مفادن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ ??ين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئ?? جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ ??ين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئ?? جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.