اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان ج?? ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ??ري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪتي ??زير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي ??زير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ??ري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻا??ا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مج??ور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.