??سل??م آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن ??ي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستا?? جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي، اسا?? جي حڪومت کي چار بحران ورثي ۾ مليا هئا، اسان انهن مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪورونا کي ڪاميابي سان من??ن ڏنو، هاڻي مهانگائي کي به من??ن ڏينداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اوڳاڙين ۾ اضافي سان گڏوگڏ انه?? جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي ??سل??مي فلاحي رياست بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو، اسان انهي رستي تي ڪاربند آهيون، ڪورونا جي پنجين لهر دورا?? ڪاروبار مڪمل بند نه ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ پئي چاهيا پر اتي اين آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا ۽ مون کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته مون هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو جنهن تي چيو ويو ته هي مذهب جي پٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي الله سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير سڃاڻيندو به نه هو، 25 سال اڳ آئون ??سل??مي فلاحي رياست جي منشور سان گڏ سياست ۾ آيس، مون ڪڏهن به نه چيو ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائيندس. هن چيو ته جيستائين هن ملڪ کي ٺاهڻ جي مقصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سٺا صحافي به آهن پر ڪجهه صحافي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو اهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جنه?? جي ڪري سڄو دٻاءُ رپئي جي قدر تي پيو، ٻيو مسئلو ڪورونا جي ڪري شي?? جي سپلائي ۾ کوٽ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ان سان پاڪستان اڪيلو متاثر نه ٿيو، دنيا جا ترقي يافته ملڪ به ان کان متاثر ٿيا، ڪورونا صديءَ جي سڀ کان وڏي وبا هئي، اسا?? جي قدمن کي دنيا جي ٽ?? ڪامياب ملڪ?? جي سرفهرست ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪورونا جي پنجين لهر مان به ڪاميابي سان نڪرنداسين. صدارتي نظام جي حوالي سان هن چيو ته مون شروع ۾ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ملڪ جي وڏن ڌاڙيلن سا?? ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه نه ڪندس، آئون انهي مافيا جي خلاف سياست ۾ آيس، جنهن کي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستا?? جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن ??ي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان به پوري دنيا جو حصو آهيون، پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي، حڪومت انه?? جي مدد ڪندي.