اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽريز، سفيرن ۽ حڪومتي ترجمانن جو اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 19 ڊسمبر تي منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي مقصدن ۽ افغانستان جي صورتحال کان شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ا?? اجلاس جو مقصد لکين افغانين کي درپيش انساني بحران جي تدارڪ ۽ انساني بنيادن تي ان جي مدد طرف عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ آهي، پاڪستان جي افغانستان جي امن ۽ امان ۽ اتان نڪرڻ بابت ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. شاهه محمود قريشي چي?? ته 15 آگسٽ کانپوءِ اسان افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن کي اعتماد ۾ ورتو?? افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پهريون اجلاس پاڪستان، ٻي?? تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون اجلاس چين ۾ متوقع آهي، پرڏيهي وزير چي?? ته اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي نظر ۾ رکندي علائقائي ملڪن سان رابطن ڪيو، هاڻي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو هڪ پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان جون ڪوششون فائديمند ثابت ٿي رهيون آهن، عالمي برادري افغانستان ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چي?? ته اڄ دنيا سمجهي ٿي ته ا??غانستان کي اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي، عالمي برادري انساني بنيادن تي افغانستان جي مدد لاءِ راضپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پرڏيهي وزير چي?? ته عالمي برادري جا ڪجهه خدشا آهن جنهن ۾ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي تحفظ ۽ محفوظ واپسي جهڙا شرط شامل آهن، هن چي?? ته 21 آڪٽوبر تي مون پنهنجي ڪابل دوري جي دوران افغانستان جي عبوري قيادت تي واضح ڪي?? ته دنيا کي توهان سان ڪجهه ا??يدون لاڳاپيل آهن جنهن لاءِ توهان کي گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي، مون کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي سلسلي ۾ برسلز وڃڻ جو موقعو مليو، پرڏيهي وزير چي?? ته مون يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه سان ملاقات ۾ واضح ڪي?? ته جيڪڏهن افغانستان ۾ وڌندڙ معاشي ۽ انساني بحران طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ا?? جا خراب اثر نه رڳو پاڪستان ۽ خطي پر پورو يورپ متاثر ٿيندو، پرڏيهي وزير چي?? ته اسان واضح ڪيو ته ا??غانستان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو وپندو. مسلمان امت جي اجتماعي آواز هجڻ جي ناطي، اسان سمجهون ٿا ته ا??غانستان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ سعودي عرب جڏهن او اءِ سي جي سربراهه جي حيثيت سان افغانستان جي صورتحال تي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني ته پاڪستان ان تجويز جي مڪمل حمايت ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ا??هي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان، 41 سالن کانپوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي، هن چي?? ته اڄ 11 آمريڪي ڪمانڊرز ۽ سفيرن جي صحيحن سان، آمريڪا ۾ شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته ا??غانستان معاشي تباهي جي طرف وڃي رهيو آهي، معاشي پابنديون صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿي رهيون آهن، انهن 11 شخصيتن ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي افغانستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي وزير چي?? ته آمريڪي سفيرن جو بيانو پاڪستان جي بياني سان هڪجهڙائي رکي ٿو?? افغانستان جو 75 سيڪڙو بجيٽ ٻاهرين امداد تي هو جيڪو بند ٿي چڪو?? افغانستان جا پنهنجا فنڊ منجمند ٿي ويا، پرڏيهي وزير چيو ته ا??غانستان ۾ گذريل ٻن سالن کان ڏڪار جي صورتحال آهي، ڪيترائي افغاني شهري ملڪ کان ٻاهر رهندا آهن ۽ پنهنجي رشتيدارن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو افغانستان ۾ بئنڪنگ چئنل نه هجڻ جيڪ ري مدد فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن، شاهه محمود قريشي چي?? ته ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 95 سيڪڙو افغانن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه نه آهي، ان صورتحال تي ضابطو نه آندو وي?? ته گذريل 20 سالن کان استحڪام ۽ امن امان لاءِ ڪيل ڪوششو?? مٽي ۾ ملي وينديون، اسان گڏيل قومن جي ادارن، پي 5 جي نمائندن ۽ اهم يورپي ملڪن جي نمائندن کي به ا?? غير معمولي اجلاس ۾ دعوت ڏني آهي، شاهه محمود قريشي چي?? ته اسان ان اجلاس ۾ افغانن کي به مدعو ڪيو آهي ته جيئن هو پنهنجو موقف سڀني جي سامهون پيش ڪري سگهن، شديد سردي جي ڪري افغانستان ۾ صورتحال ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي يو ته ا??غان چاهي ٿ?? ته کيس اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ٿورو وقت ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ا?? بحران کي به منهن ڏنو وڃي ۽ ان جي امداد جو به ڪو وسيلو نڪري سگهي?? افغانستان جي معاملي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي، هن چي?? ته اسان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳوڻن کي به ا?? اجلاس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.