اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل ??لر??مان جو پاڪستاني پارلياماني ??يا??ت ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل ??لر??مان 3 سالن کان ??يا??ي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل ??لر??مان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان واحد شخ?? آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو ??يا??ي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل ??لر??مان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل ??لر??مان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوز??شن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل ??لر??مان آهي. وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ ع??ام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي ??يا??ت ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.