اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏکڻ ڪوريا جي سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجر??ڻي چيو ته پاڪ??تا?? جا ماڻهو ڪوريا سان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڏکڻ ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ٿوري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ??تا?? ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
هن چيو ته افغان??تا?? ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ??تا?? 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت سان وطن پهچايو، ڏکڻ ڪوريا جي درخواست تي پاڪ??تا?? 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي ورتو آهي، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪ??تا?? ڪوريا سان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪ??تا?? ۾ پنهنجي موجو??گي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آهي، پاڪ??تا?? ۽ ڪوريا جي وچ ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، واپار جي فروغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي تي مشتمل ملڪ پاڪ??تا??، افغان??تا?? ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ڪري پاڪ??تا?? سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي لحاظ کان اهم ملڪ آهي.
صادق سنجر??ڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي لاڳت سان انفارميشن ٽيڪ??ال??جي پارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. م??اق??ت ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران پاڪ??تا?? ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي قيام جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صادق سنجراني چيو ته پاڪ??تا?? ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي، م??اق??ت ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪ??تا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪ??تا?? ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. م??اق??ت ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.