اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر عالمي بر??دري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ا??لاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو ??ان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ا??ان ڪشمير مسئلي جي حوالي سا?? ترڪي جي اصولي موقف ۽ پاڪستان جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين ??ان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميرين جي حمايت ??ان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون ا??مينان جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي بر??دري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي بر??دري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، ا??ان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.