اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ني عوام سدائين سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعودي عرب ۽ پا??ست??ن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پا??ست??ن سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻطرفو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پا??ست??ن جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪار?? ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.