ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي پر معيشت جي ترقي سان ان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ، مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني بئنڪنگ چئنل ذريعي پن??نجي رقم موڪلين، اسان پاڻ تي ڀاڙڻ جي رستي تي گامزن ٿي ويا آهيون، شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر ??سٽ?? لڳڻ سان جهاز راني جي صنعت ترقي ڪندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر ??سٽ?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، زبيده جلال، علي زيدي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، پاڪستان 50 سال اڳ ترقي جي جنهن سفر تي گامزن هو بدقسمتي سان ان کانپوءِ جي سالن ۾ اها برقرار نه رکي سگهيو ۽ اسان پن??نجي پيرن تي بيهڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، اسان پن??نجي قوت کي نه سڃاتو ۽ سهارا ڳولي ورتا. وزيراعظم چيو ته جيڪي قومون مزاحمت نه ٿيون ڪن اهي ڪڏهن به پن??نجي پيرن تي نه ٿيون بيهي سگهن، مديني جي رياست جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. پاڻ ﷺ غير ملڪي سربراهن کي خط لکيا ته انهن کان مدد نه گهري پر کين الله جو پيغام پهچايو ۽ خوددار قوم ٺاهي انساني تاريخ جي ڌارا بدلا??ي ڇڏي. پاڻ ﷺ جي جوڙيل قوم دنيا جي امامت ڪئي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پن??نجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪراچي شپ يارڊ ۾ سامونڊي جهازن جي مرمت جي نظام جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ جو پئسو بچندو، جيڪو ڪم اسان کي اڳ ۾ ٻين ملڪن مان ڪرائڻو پوندو هو هاڻي اهو هتي ٿيندو. ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر اسان ٻين ملڪن کي به اها سهولت فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي چڪي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي، هاڻي چئلينج اهو آهي ته جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ وڌندو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي سان پاڪستان ڊالر ڪمائيندو، هن چيو ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين تي زور ڏنو ته پن??نجو مٽاسٽا جو ناڻو بئڪنگ چئنل ذريعي موڪلين، هن چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا هئا اسان کي ان سلسلي کي روڪڻو آهي ۽ پاڻ ڀاڙڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اسان ان رستي تي گامزن ٿي چڪا آهيون.