اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انهن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وفاقي وزير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ظهير الدين بابر ??عواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڌارن وا??ي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حوالو ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حوالي سان عوام جي سياسي حقن جي تح??ظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهي تعاون جي جذبي جو مظ??هر?? ڪرڻ جي ضرورت آهي.