اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرا?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خا??ري ڪرائي آهي. هن اها خا??ري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسلام آباد ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي، سيلاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان واحد، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ وزيراعظم جي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرا?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خا??ري ڪرائي.