اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته (2018ع ??ي سينيٽ چونڊن جي موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ڪجهه ميمبرن کي رقم جي ادائيگي جي) جي وڊيو ۾ ڏيکاريل جاءِ اسپيڪر هائوس پشاور نه آهي ۽ نه ئي منهنجو ان معاملي سان ڪو تعلق آهي. اهڙي طرح جا بيان صرف معاملن تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن. پنهنجي هڪ وضاحتي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٻڌايو ته اهڙي طرح جي ڏي وٺ ٿي آه?? ۽ ??ڄي پارٽي جو فيصلو هيو ته انهن ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ??ئي وڃي، هاڻي اهڙي طرح جا بيان صرف معاملن تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.