اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل اسلامي فلاحي مديني جهڙي رياست جي نموني تي ٻڌل هڪ اهڙو منصوبو آهي، جتي ماڻهن جي شڪايتن کي ٻڌڻ ۽ انهن کي وقت سر حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا آ??ن. ??زيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي سوچ تحت عوام جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي شروعات 28 آ??ٽو??ر 2018ع تي ڪئي وئي. ان پورٽل تي عوام پنهنجي ذاتي ۽ سماجي ذميواري جو ??حساس محسوس ڪندي شڪايتون درج ڪرائي ٿو. پورٽل تي شڪايت درج ڪرائڻ جي باري ۾ رهنمائي به فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته تجويزون به ڏئي سگهجن ٿيون. ان کان علاوه لاپته ٿيل ٻارڙن جي ڳولا، ٻارڙن سان بدسلوڪي وارن واقعن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ زينب الرٽ ايپ کي به ان پورٽل سان ڳنڍيو ويو آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل هن وقت 87 ملڪن جي سروس ڊليوري ڪيٽيگري ۾ 4646 ايپس ۾ سرفهرست 3 ايپس ۾ شامل آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تان هن وقت ملڪي توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ پرڏيهي فائدو کڻي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي آفيسرز ڊيش بورڊ جو ڪل انگ 3796 هو، جيڪو 2020ع ۾ 8913 ٿي ويو آهي. 2018ع ۾ شڪايتن جون ڪيٽيگريز 473 هيون جيڪي 2020ع ۾ وڌي 1151 ٿي ويون آهن. اهڙي طرح 2018ع ۾ اهو پورٽل رڳو هڪ موبائيل ايپ ذريعي ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته 2020ع ۾ هاڻي اهو چئن مختلف ذريعن وسيلي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ موبائيل ايپ، ويب رسائي، کلي ڪچهري، شڪايت درج ڪرائڻ جو مينيوئل طريقو شامل آهي. ان کان علاوه 2020ع ۾ هڪ هيلپ لائين به قائم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي شڪايت سيل به ان سان ڳنڍيل آهي. اهڙي طرح ٻن سالن دوران پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ڪاميابي ۽ ان ۾ شهرين جي ضرورتن کي ڏسندي نمايان تبديليون ڪيون ويون. هاڻي اهو پورٽل عوام لاءِ انهن جي شڪايتن جي ازالي جو هڪ بهترين پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. ان پورٽل ذريعي سڄي ملڪ جا شهري پنهنجون شڪايتون اعليٰ اختيارين تائين پهچائي سگهن ٿا. ملندڙ شڪايتون ۽ ان تي ٿيندڙ ڪارروائي بابت رپورٽ باقاعدگي سان وزيراعظم عمران خان فراهم ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ نه رڳو ازالو ٿيل شڪايتن جي حجم جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي پر عوام طرفان فراهم ڪيل فيڊ بيڪ به ان ۾ شامل هوندو آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هاڻي تائين وصول ٿيل شڪايتن ج?? مجموعي انگ 27 لک کان وڌيڪ آهي. شڪايتن کي اڪلائڻ لاءِ خاص ڊيش بورڊز سڄي ملڪ ۾ قائم آ??ن. ??ن وقت پنجاب ۾ ڊيش بورڊز ج?? مجموعي انگ 3102 آهي، جن ۾ وفاق جا 161 ۽ صوبائي حڪومت جا 2941، جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ ڊيش بورڊز ج?? مجموعي انگ 20331 آهي، جنهن ۾ صوبائي حڪومت جو ??نگ 2237 ۽ وفاقي حڪومت جو ??نگ 94 شامل آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ ڪل ڊيش بورڊز جو ??نگ 1516 جڏهن ته صوبائي حڪومت جا 32 ۽ وفاق جا 1484 ڊيش بورڊز آهن.سنڌ ۾ ڊيش بورڊز ج?? مجموعي انگ 1229 جن ۾ صوبائي حڪومت جو ??نگ 1174 ۽ وفاق جو 55 آهي. اهڙي ريت بلوچستان ۾ ڊيش بورڊز ج?? مجموعي انگ 444 جن ۾ صوبائي حڪومت جو ??نگ 428 ۽ وفاق جو 16 آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 174 ڊيش بورڊز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير حڪومت جا 29 ۽ وفاق جا 145 آهن. گلگت بلتستان ۾ مجموعي ڊيش بورڊز جو ??نگ 117 آهي، جن ۾ گلگت بلتستان حڪومت جا 113 ۽ وفاق جا 4 شامل آهن. اهڙي ريت مجموعي ڊيش بورڊز جو ??نگ 8913 آهي جن ۾ صوبائي حڪومتن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڊيش بورڊز جو ??نگ 6954 آهي ۽ وفاق جي ڊيش بورڊز جو ??نگ 1959 آهي.سرڪاري ذريعن مطابق هن وقت پورٽل تي رجسٽرڊ مجموعي ماڻهن جو ??نگ 28 لک 19 هزار آهي، جن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ??نگ هڪ لک 70 هزار جڏهن ته پرڏيهي رجسٽرڊ ماڻهن جو ??نگ 11000 آهي. پورٽل تي رجسٽرڊ مردن ج?? مجموعي انگ 26 لک 26 هزار آهي، جيڪو پورٽل تي رجسٽرڊ مجموعي انگ جو 87 سيڪڙو آهي. ان پورٽل تي 2 لک هڪ هزار عورتون رجسٽرڊ آهن جن ج?? مجموعي انگ 7 سيڪڙو آهي. پورٽل تي 4000 مختلف فردن کان علاوه هڪ لک 59 هزار اهڙي ميمبر به آهن، جن سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي پنجاب مان رجسٽرڊ ماڻهن جو ڪل انگ 16 لک 96 هزار، ڪي پي ڪي مان 5 لک 16 هزار، سنڌ مان 4 لک 6 هزار، بلوچستان مان 39 هزار، اسلام آباد مان 37 هزار، آزاد ڄمون ڪشمير مان 29 هزار ۽ گلگت بلتستان مان 14 هزار 25 ماڻهو رجسٽرڊ آ??ن. ??ورٽل تي 10 سرفهرست رجسٽرڊ پروفيشنل ماڻهن ۾ شاگردن جو ??نگ 2 لک 3 هزار 959 آهي، ڪاروباري شخصيتن جو ??نگ هڪ لک 18 هزار 789، انجنيئرن جو ??نگ 82 هزار 200، سول سرونٽس جو ??نگ 60 هزار 66، استادن جو ??نگ 53 هزار 703، سماجي ورڪرن جو ??نگ 53479، ڪارپوريٽ سيڪٽر سان سلهاڙيل ماڻهن جو ??نگ 32638، فورسز جو 23483، ميڊيڪل جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن جو ??نگ 14619 ۽ وڪيلن جو ??نگ 12768 آهي. عمر جي لحاظ کان 20 سالن تائين جي ڄمار جا فرد هڪ لک 80 هزار 587 پورٽل تي رجسٽرڊ آهن جيڪ?? مجموعي انگ جو 6 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح 20 کان 29 سال جي عمر وارن رجسٽرڊ ماڻهن جو ??نگ 13 لک 64 هزار 196 آهي، جيڪ?? مجموعي انگ جو 49 سيڪڙو آهي. 30 کان 39 سال جي عمر وارن فردن جو ??نگ 8 لک 12 هزار 676 آهي جيڪ?? مجموعي انگ جو 29 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح 45 کان 49 سالن تائين جي عمر وارن رجسٽرڊ فردن جو ??نگ 2 لک 86 هزار 123 آهي جيڪ?? مجموعي انگ جو 10 سيڪڙو آهي. 50 کان 65 سالن تائين جي عمر وارن ماڻهن جو ??نگ هڪ لک 34 هزار 351 آهي، جيڪ?? مجموعي انگ جو 5 سيڪڙو آهي. جڏهن ته 65 سال کان وڌيڪ ڄمار جا 22 هزار 753 پيرسن هن پورٽل تي رجسٽرڊ آهن جيڪ?? مجموعي انگ جو هڪ سيڪڙو آهي. تعليمي قابليت جي لحاظ کان بيچلر ڊگري رکندڙ هڪ لک 2 هزار 522 فرد پورٽل تي رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته ماسٽر ڊگري رکندڙ هڪ لک 35 هزار 792 ماڻهو، ايم ايس، پي ايڇ ڊي ڊگريون رکندڙ 37 هزار 488 فرد پورٽل تي رجسٽرڊ آهن. اهڙي طرح پوسٽ ڊاڪٽرن جو ??نگ 1852 آهي. پورٽل تي رجسٽرڊ اقليتن جو ??نگ هڪ لک 1032 آهي. پورٽل تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به رجسٽرڊ آهن جن ج?? مجموعي انگ اٽڪل هڪ لک 70 هزار آهي، جن مان گڏيل عرب امارات مان رجسٽرڊ پاڪستانين جو ??نگ 41439، سعودي عرب مان 37311، برطانيه مان 13614، امريڪا مان 5876، قطر 4657، آسٽريليا مان 4591، ڪينيڊا مان 4232، اومان مان 4205، ملائيشيا مان 3516، اٽلي مان 3075، ڪويت مان 2758، بحرين مان 2655 ۽ چين مان 2538 شامل آهن. سٽيزن پورٽل تي مجموعي طور تي 27 لک 64 هزار 410 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 25 لک 95 هزار 828 شڪايتون اڪلايون ويون. اهڙي طرح شڪايتن کي اڪلائڻ جي شرح 94 سيڪڙو آهي. وفاقي راڄڌاني مان وصول ٿيل شڪايتن جو ??نگ 13 لک 41 هزار 601 آهي جن مان 12 لک 71 هزار 614 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. پنجاب مان 9 لک 45 هزار 784 شڪايتون وصول ٿيون، جن مان 8 لک 92 هزار 638 شڪايتن کي اڪلايو ويو. شڪايتن جي اڪلائڻ جي شرح 94 سيڪڙو رهي. خيبر پختونخواه مان 262917 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 249399 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. اهڙي طرح شڪايتن جي حل ڪرڻ جي شرح 95 سيڪڙو رهي. سنڌ مان 167691 شڪايتون وصول ٿيون، جن مان 143473شڪايتن کي حل ڪيو ويو. شڪايتن جي حل ڪرڻ جي شرح 86 سيڪڙو رهي. وفاقي راڄڌاني مان وصول ٿيل شڪايتن جو ??عداد 22759 آهي، جن مان 17764 شڪايتن کي اڪلايو ويو. شڪايتون حل ڪرڻ جي شرح 78 سيڪڙو رهي. بلوچستان مان 19618 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 17551 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. شڪايتن جي حل ڪرڻ واري شرح 89 سيڪڙو رهي. گلگت بلتستان مان 3421 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 2863 شڪايتن کي حل ڪيو ويو جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان وصول ٿيل شڪايتن جو ??نگ 619 رهيو جن مان 526 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. مجموعي طور تي وصول ٿيل 27 لک 64 هزار شڪايتن مان 13 لک 41 هزار 601 شڪايتن جو ??علق وفاقي حڪومت جي کاتن سان هو. 497758 شڪايتون توانائي ۽ پاور کاتي بابت هيون، 126667 شڪايتن جو ??علق تعليم ۽ 83426 شڪايتن جو ??علق انساني حقن سان هو. پنجاب مان وصول ٿيل 945784 شڪايتن مان 294735 شڪايتن جو ??علق ميونسپل سروسز سان، 111178 شڪايتن جو ??علق امن امان سان جڏهن ته هڪ لک 402 شڪايتن جو ??علق تعليم، ڪي پي ڪي مان وصول ٿيل 262917 شڪايتن مان 61559 شڪايتن جو ??علق ميونسپل سروسز سان، 50386 شڪايتن جو ??علق تعليم سان، جڏهن ته 28584 شڪايتن جو ??علق صحت سان جي شعبي سان هو. سنڌ مان وصول ٿيل 1679991 شڪايتن مان 73575 شڪايتن جو ??علق ميونسپل سروسز سان، 78775 شڪايتن جو ??علق تعليم سان جڏهن ته 15358 شڪايتن جو ??علق امن امان سان هو.اهڙي طرح وفاقي راڄڌاني مان وصول ٿيل 22759 شڪايتن مان 7587 شڪايتن جو ??علق ميونسپل سروسز، 4268 شڪايتن جو ??علق انساني حقن، جڏهن ته 2567 شڪايتن جو ??علق لينڊ روينيو سان هو. بلوچستان مان وصول ٿيل 19618 شڪايتن مان 4573 شڪايتن جو ??علق ميونسپل سروسز، 3233 شڪايتن جو ??علق تعليم ۽ 2279 شڪايتون انساني حقن سان سلهاڙيل هيون. اهڙي طرح گلگت بلتستان مان 3421، جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير مان 619 شڪايتون مختلف قسمن جي شعبن سان سلهاڙيل هيون. پرڏيهي ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان وصول ٿيل مجموعي شڪايتن جو ??نگ 136392 آهي، جن مان 128372 شڪايتن کي اڪلايو ويو. ان پورٽل تي پٺتي پيل طبقي جي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي مخصوص ماڻهن جي شڪايتن کي به ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويو. ٻن سالن دوران مخصوص ماڻهن طرفان 155177 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 142365 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. اهڙي طرح اقليتن طرفان 56627 شڪايتون مليون ۽ انهن مان 52789 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. پورٽل تي عورتن طرفان 180673 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 168299 شڪايتن جو ??زالو ڪيو ويو. بزرگ شهرين طرفان 34570 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 31466 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. پورٽل تي ڪي پي ڪي جي 69198 شهرين شڪايتن جي حل تي اعتماد جو ??ظهار ڪيو. پنجاب مان 213815 ماڻهن اطمينان جو ??ظهار ڪيو. بلوچستان مان 3575 ماڻهن جڏهن ته سنڌ مان 16477 ماڻهن شڪايتن جي حل تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. عوامي راءِ تحت پرڏيهي وزارت لاءِ مجموعي طور تي 7390 فيڊ بيڪس وصول ٿيون، جن مان 3549 ماڻهن اطمينان جو ??ظهار ڪيو. اهڙي طرح اطمينان جي شرح 48 سيڪڙو رهي. پورٽل تي ناڪاري فيڊ بيڪ وارين شڪايتن جو پرائيم منسٽر ڊليوري يونٽ جائزو وٺندو آهي. جيڪڏهن شڪايتن کي ميرٽ تي حل ناهي ڪيو ويندو ته انهن کي ٻيهر کوليو ويندو آهي، هن وقت تائين پرائيم منسٽر ڊليوري يونٽ طرفان 167665 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويو. ٻيهر کلڻ بعد 28 سيڪڙو ناڪاري فيڊ بيڪ هاڪاري ۾ تبديل ٿيا. ٻيهر کليل 167665 شڪايتن مان 153425 شڪايتن کي حل ڪيو ويو. ان حوالي سان 27193 فيڊ بيڪس وصول ٿيا، جن مان 7535 فيڊ بيڪس تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ويو. عوامي رويي جي نگراني لاءِ شڪايتن جي طريقيڪار مطابق سسٽم مان ڪڍيو ويندو آهي. شهرين جي ذميواري جي انڊيڪس (سي آر آءِ) برقرار رکي ويندي آهي. شڪايتن کي ختم ڪرڻ جا مختلف سبب هوندا آهن. جن ۾ شهرين جي پنهنجي درخواست، غير واضح مبهم مواد، ڊپليڪيٽ شڪايتون، نان اشوز، عدالتي معاملا، سروسز جا معاملا، ملازمت سميت مختلف معاملا شامل آ??ن. ??اڪستان سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن تي عوامي مفاد ۾ اهم پاليسي ۾ سڌارا به آندا پيا وڃن جن ۾ فنگر پرنٽس ضايع ٿيندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ ايس او پيز لاڳو ڪيو ويو. جيڪو نادرا ذريعي لاڳو ڪيو ويو آهي. ود هولڊنگ ٽيڪس مان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. 282 شڪايتن تي 29 هزار انٽرنيز کي 941 ملين رپين جي بقايا جي ادائگي ڪئي وئي. عورتن ۽ معذور ماڻهن جي سهولت ايف پي ايس سي طرفان امتحاني مرڪز تبديل ڪيا ويا. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي، اسلام آباد ايڪسائيز ۾ طريقيڪار کي آسان بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪيا ويا. خطرناڪ بيمارين جي علاج جي پروگرام کي بحال ڪيو ويو. ان پورٽل ذريعي وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ به سڌارا آندا ويا. 1322 آسامين لاءِ ڀرتي جا قانون جوڙيا ويا جن مان 16343 آفيسرن لاڀ ماڻيو. 3333 آفيسرن جي ڊگهي عرصي کان پروموشنز جي معاملن کي حل ڪيو ويو. ڊگهي عرصي کان التويٰ هيٺ سينيارٽيز جو ??علان ڪيو ويو. جنهن سان 8384 ماڻهن کي فائدو پهتو. وفاقي حڪومت جي ادارن ۾ 946 التويٰ هيٺ ڊسيپلينري انڪوائريز کي حتمي شڪل ڏني ويئي. 1815 ماڻهن کي ٻين عهدن تي لڳايو ويو هو يا هٽايو ويو هو. 6758 خالي آسامين کي ڀريو ويو. ان پورٽل جي ڊيزائن ۽ تياري تي ڪنهن قسم جي لاڳت ناهي آئي، جڏهن ته ٻن سالن دوران ان پروگرام کي هلائڻ تي 53 ملين رپيا خرچ ٿيا. هڪ شڪايت جي حل تي حڪومت جي لاڳت 20 رپيا آهي.مستقبل ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل کي وڌيڪ بهتر ۽ باسهولت بڻائڻ لاءِ ان ۾ وڌيڪ خصوصيتون شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي. وڌيڪ فراهم ڪيل شين ۾ عوامي راءِ، نوٽيفڪيشنز ۽ اعلان آل پاڪستان فون ڊائريڪٽري، خاص ايونٽ، ڪارڪردگي ۽ آڊٽ جو نظام ۽ ٻيون شيون شامل آ??ن. ??اڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ خاص تقريب جمعي ڏينهن منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل مديني جي رياست طرف هڪ اهم قدم آهي، ان سان ادارن، بيوڪريسي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. مڪاني حڪومتن جو نئون نظام آڻڻ سان انقلاب ايندو. ۽ عوام جا مسئلا سندن پنهنجي شهر ۾ ئي حل ٿيندا. هن عوام کي چيو ته اهي پنهنجو پاڻ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن پورٽل کي وڌ کان وڌ استعمال ڪري لاڀ ماڻين.