اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ايندڙ نسلن جي مستقل کي محفوظ بڻ??ئڻ جي لاءِ ٻيلن جي واڍيءَ ۽ آلودگي ج??ڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻو پوندو، صفائي سٿرائي اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان حوالي سان ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، رضاڪاراڻي خدمتن جو جذبو اسان جي قومي طاقت آهي ج??هن مان حڪومتي سطح تي فائدو کڻڻ گهرجي، سزا ۽ جزا جي نظام سان معاشري ۾ سٺن ڪمن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، صاف سبز انڊيڪس تحت شهرن جي وچ ۾ مقابلي ج?? اهتمام حوصلي ج??ڳو قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪلين گرين انڊيڪس ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.