اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت ڏني وئي آهي. ايوان ??در مان ??اري بيان موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل وزيراعظم جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٽن نامزد وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي. ڪائونسل ۾ ٽي وفاقي وزير آرٽيڪل (2) 153 تحت وزيراعظم طرفان نامزد ڪي?? ويا آهن. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ ريلوي وارو وزير خواجه سعد رف??ق ميمبر طور مقرر ڪي?? ويا آهن.