سپن وام (اتر وزيرستان) – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اتر وزيرستان ۾ ڪرم تنگي ڊيم جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو، ا?? موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، جمعت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، هائوسنگ ۽ تعميرا?? وارو وفاقي وزير اڪرم دراني، عباس آفريدي، ا??جنيئر امير مقام کانسواءِ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ??ه مو??ود هئا. وزيراعظم تختي جي نقاب ڪشائي ??ري ڊيم جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکيو.