لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت عل??اء?? اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جاني?? جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪ??ل بيان مطابق وزيراعظم جميعت عل??اء?? اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪن?? جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستا?? جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستا?? جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو جي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد?? جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.