اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج رهداري جي تاريخي معاهدي کي ??اصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي جنهن سان عالمي سطح تي روزمره استعمال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين طبقي لا??ِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بل??ول ڀٽو چيو ته مان اڄ ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ منهنجي ڀاءُ هاڪان فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج راهداري جي تاريخي معاهدي کي ??اصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي جنهن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين ماڻهن لا??ِ عالمي روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پرڏيهي وزير يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪارروائين جي به شديد مذمت ڪئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لا??ِ ترڪيه ۽ ٻين اسلامي رياستن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.