پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، قدرتي آفتن سان سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، معاشي واڌويجهه رڪجي وئي، دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسميا??ي انتشار کي اصلاح جي مو??عي طور ??ي استعمال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهي اجلاس جي مو??عي تي مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران عالمي اڳواڻن جو ڌيان ان خارجي عملن طرف ڇڪرايو جنهن سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ شديد بحران پيدا ٿيو. انهن عملن جي ڪري ترقي رڪجي وئي، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ پوڻ سان جنسن جي قيمتن ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، بعد ۾ شديد موسمي واقعن مان بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته عالمي برادري کي شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ برابر ماليا??ي اصول تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ، اهڙين گرانٽس جي فراهمي جي??ي اسرندڙ ملڪن جي وڏن قرضن ۾ اضافو نه ڪن ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن جي خطري ۾ ورت?? ملڪن کي ماحولياتي خطري جي انڊيڪس جي بنياد تي فنڊ تائين پهچ جي قابل بڻائڻ شامل آهي. پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) هاصل ڪرڻ جي لاءِ مالياتي فرق کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي سان گڏوگڏ موسمياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جيڪا ساليانو کربين ڊالر آهي. هن چيو ته دنيا کي موجوده معاشي ۽ موسميا??ي انتشار کي اصلاح جي مو??عي جي طور ??ي استعمال ڪرڻ گهرجي. عالمي مالياتي ڍانچي تي ٻيهر غور ان جي ٻيهر شروعات جو پهريون نقطو ٿي سگهي ٿو، جتي آءِ ايس آئيز پنهنجي پروگرامن کي ترقي وارن ۽ ايس ڊي جيز ۽ موسميا??ي انصاف جي هدفن سان ڳنڍڻ جي لاءِ ڊيزائين ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته دنيا کي هن وقت حقيقت کان آگاهي جو لمحو سامهون آ??ي، اچو اسان سڀ يڪجهتي ۽ همدرديءَ جي جذبي سان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جو وچن ڪريون.