اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال کي مالي سال 2023ع دوران 6 ارب 4 ڪروڙ ر??يا مختلف منصوبن لاءِ فراهم ڪيا ويا. جاري ڪيل ا??تصادي سروي مطابق انفرادي مالياتي معاونت جي پروگرام لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ ر??يا، ايس آڙ س?? ايل پروگرام تحت 76 ڪروڙ 42 لک رپيا 5 کان 6 سالن جي چائلڊ ليبر جي اسڪولن ۾ بحاليءَ لاءِ ورهايا ويا. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي مرڪزن ۾ 44 ڪروڙ 11 لک 80 هزار رپيا، جڏهن ته پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ 51 ڪروڙ 70 لک رپيا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال ا??لڊ هوم ۾ 54 لک 80 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال شيلٽر هوم ۾ 12 ڪروڙ 22 لک 80 هزار رپيا جڏهن ته ماني سڀني لاءِ پروگرام ۾ 3 ڪروڙ 19 لک 50 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا آهن.