اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائ??جا?? جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن موجب آذربائ??جا?? جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ورتو. هنن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي قوت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جارجيا ??ي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا ??و نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا ??ويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا ??هن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.