اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ??وه?? تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ??وه?? تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آه??. هن چيو ته مون کي ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آه??. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياس??ي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ماڻهن کي تشدد ??ي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪري ۽ شهيدن جي يادگارن کي ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو طريقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه ن??رت?? ورڇ ۽ ڪوڙ آه??.