اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? 9 مئي ت?? رياست، ان جي علامتن ۽ حساس جاين تي ٿيندڙ شرپسندن جي حملن جي پاڙ عمران نيازي جي گذريل هڪ سال دوران ڪيل تقريرن جي نقطن ۾ لڪل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي سياسي تحريڪ کي حق ۽ باطل جي وچ ۾ جنگ قرار ڏيڻ جي لاءِ آزاداڻي طور تي مذهبي تصويرڪشي ڪئي آهي، هن مسلسل هٿياربند فوج ۽ موجوده آرمي چيف کي بد??ام ڪيو، ان تي حملي آور ٿيو ?? چالاڪي سان حقيقي آزادي جي نعرن سان پنهنجو گروهه تيار ڪيو جنهن جو مقصد انهن کي تشدد تي اتساهڻ هو، جنهن جو اسان 9 مئي ت?? مشاهدو ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي جون تقريرون ٻڌو ته توهان کي پنهنجو جواب م??ي ويندو.