اسلام آباد – 20 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ پاڪستاني عمره زائرين جي بس جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جل?? صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي متاثر ماڻهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ ج?? هدايت پڻ ڪئي.