اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئ?? آهي ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئ?? وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن ??ان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن ??ان ڀيٽ پڻ پيش ڪئ?? وئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته صوبا??ي حڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبا??ي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري ??ان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه ا??ان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت ج?? ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ا??ان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان ??ان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئ??.